وڳڻ: ڏيرا واسين جو پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايڇ او ڏيرا خلاف ڌرڻو
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو ) وڳڻ ۾ ڏيرا واسي عورتن ۽ مردن جو پاڪ ڪتاب کڻي مک چونڪ وڳڻ تي ايس ايڇ او ڏيرا خلاف ڌرڻو تفصيل موجب ڏيرا واسي گاڏھي برادري جي مرد ۽ عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي ڏيرا ايس ايڇ او عبدالوحيد ناريجو خلاف مک چونڪ وڳڻ تي ڌرڻو ھڻي ڏيرا پوليس جي ناجائزين خلاف سخت نعاريبازي ڪئي وئي
جنھن سبب مختلف شھرن ڏان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڌرڻي جو اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي نصيرآباد، ايس ايڇ او وڳڻ ڌرڻي واري جاء پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو انھي حوالي سان ڳوٺ ربن گاڏھي واسي مظاھرين سٽي پريس ڪلب پھچي محمد عرس گاڏھي،عبدالطيف گاڏھي،عنايت خاتون،بلقيس خاتون ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن اڳ اسان جو ماڻھون وزير علي گاڏھي کي پنھنجي ئي برادري جي ماڻھن ڏنڊا ڪھاڙيون سرون ھڻي قتل ڪيو ھو جنھن جو قتل ڪيس امام علي گاڏھي،غلام علي گاڏھي،۽ ٻين تي داخل ڪرايوسين ھنن الزام لڳائيندي چيو ته اسان جي مخالفن جي چرچ تي ڪيس ڪمزور ڪرڻ لاءِ پنھنجي ڪراڙي عورت کي پاڻ ماري انھي جو قتل ڪيس اسان تي داخل ڪرايو آ ھن
جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو،ايس ايس پي قمبر ايٽ شھدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي اسان تي ڪوڙي داخل ڪيل ايف آء آر کي رد ڪري اسان سان انصاف ڪيو ونڃي.
جُولاءِ 16, 2023