وڪيل عبدالرسول عباسي دادو جي عوام انصاف ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي: شفيع محمد
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) ڊسٽرڪٽ بار دادو جي سينيئر قانوندان ايڊووڪيٽ عبدالرسول عباسي کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان وڪالت جي پيشي ۾ محنت ۽ جدوجهد کي مد نظر رکندي سندس کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سند سان نوازيو آهي
ان موقعي تي دادو بار جي وڪيلن بار صدر عبدالحڪيم لغاري سينئر وڪيل لا ڪاليج دادو پرنسپال شفيع محمد ميمڻ، زيبا وگهيو،ڪوڙو خان ميمڻ، قطب الدين عرف سارنگ عباسي، غلام نبي لاشاري، اياز علي رند، ضمير حسين سولنگي،تنوير عباسي، رفيق احمد ٻٻر ۽ ٻين بار جي وڪيلن ۽ آپڪا ضلع دادو چيئرمين لاھوتي منير احمد سيال مرڪزي اڳواڻ علي احمد ڏاھري،صحافي قربان کوسو صحافي زاھد کوسو ۽ ٻين معززین کيس مبارڪباد پيش ڪئي
ان موقعي تي آپڪا جي چيئرمين لاھوتي منير احمد سيال چيو ته پاڪستان جو باني قائد اعظم محمد علي جناح به ھڪ وڪيل ھيو جنهن پاڪستان کي انگريزن کان آزاد ڪرايو،ان نسبت سان وڪيل عبدالرسول عباسي به قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڪيل جي حيثيت ۾ ھاء ڪورٽ ۽ لوئر ڪورٽن اندر دادو جي عوام کي قانون ذريعي انصاف ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي،
پاڻ ڊسٽرڪٽ بار دادو جو ڪافي ڀيرا صدر رهي چڪو آهي،پاڻ ڊسٽرڪٽ بار دادو جو جڏهن ميمبر ٿيو ان وقت پاڻ سينئر وڪيلن علي محمد قريشي، عبدالطيف انصاري، امام بخش گٔھرياڻي،محمد رمضان خشڪ، ڪنيا حال، شمس الدين ملڪاڻي، غلام نبي سومرو جھڙن نامور قانوندانن سان رھيو، پوري زندگي وڪالت کي ارپي ڇڏي آهي،
پنهنجي ٽن پٽن اشفاق احمد عباسي،تنوير علي عباسي ۽ عاصم علي عباسي کي به وڪالت جي زيور سان وابسطا رکيو آهي.
جُولاءِ 16, 2023