مهانگائي سٽيل عوام کي ٻيو جهٽڪو، کنڊ ۽ اٽي جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ

Spread the love


مهانگائي سٽيل عوام کي ٻيو جهٽڪو، کنڊ ۽ اٽي جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ

On جولائی 16, 2023

 Share

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مُلڪ ۾ پهرين کان موجود ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب پريشان هوام لاءِ کنڊ ۽ اٽي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت مُلڪ ڪيئي شهرن ۾ اٽي ۽ کنڊ جي اگهن واڌ جو سلسلو جاري آهي.

رپورٽن موجب، ڪراچيءَ ۾ هول سيل ۾ کنڊ جي قيمت 137 رُپيا في ڪلو ٿي چُڪي آهي، ڪوئيٽا ۾ في ڪلو کنڊ ڏهه رُپيا واڌ بعد 150 رُپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.

ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب، ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي اٽي جي قميت ۾ چار کان پنج رُپيا في ڪلو لاٿ ٿي ۽ نئين قيمت 129 رُپيا ٿي چڪي آهي، ان باوجود شهر ۾ اٽو وڌيڪ مهانگو ڪيو ويو آهي.

لاهور ۾ به اٽي جي قميت  ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جتي ويهه ڪلو اٽي جي ٿهيلي جي قيمت پنجاهه رُپيا واڌ سان ٻه هزار اٺ سئو ٻاونجاهه رُپيا تي پهچي چُڪي آهي

جُولاءِ 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو