ملير: لقمان  حڪيم ڳوٺ ۾ بااثر پاران عدالت لڳائڻ جي وڊيو وائرل

Spread the love

ملير ( ذوالفقار علي نصيراڻي ) سڪڻ ٿاڻي جي حد ريڙھي ڳوٺ جي موساڻي محلي ۾ بااثر جوابدارن لعقمان  حڪيم ڳوٺ اندر پنھنجي عدالت لڳائي ڇڏي ، وڊيو وائرل ، علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاء ،اسان جاچ ڪري رهيا آھيون

ٿاڻي ڪا به رپورٽ ناهي ٿي نه وري ڪير شڪايت کڻي آيو آھي تفصيل موجب  سڪڻ ٿاڻي جي حد ريڙھي ڳوٺ جي موساڻي محلي ۾ بااثر جوابدارن لعقمان  حڪيم ڳوٺ اندر پنھنجي عدالت لڳائي ڇڏي ، وڊيو وائرل ، علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاء پکڙجي ويو آھي

 جوابدارن مبينا چوري جي الزام ۾ حسين نالي نوجوان کي وچ چونڪ تي تي ابتو ٽنگي سخت تشدد ڪندا رھيا اھڙي عمل جي ويڊيو جاري شھري ڀري وائرل ڪري ڇڏي واقعي جي حوالي سان ايس ايڇ او سڪڻ عديل شاھ چيو ته اسين ان معاملي جي جانچ ڪري رھيا آھيون

 ته واقعو ڪڏھن ۽ ڪٿي ٿيو آھي ٿاڻي تي ان معاملي جي ڪا رپورٽ درج نه ٿئي آھي متاثر ايندا ته ڪاروائي ڪنداسين ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين.

جُولاءِ 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو