سکر: چور گهر مان 40 تولا سونا زيور ۽ لکين رپيا چوري ڪري ويا
سکر(بيورو رپورٽ)پراڻي سکر جي رائل روڊ واري علائقي ۾ چوري جي وڏي واردات اڻڄاتل چور گهر ۾ تالو هڻي اڍائي ڪروڙ رپين جو سامان چوري ڪري ويا، چور بند گهر جا تالا کولي 40 تولا سون جا زيور ۽ لکين رپيا چوري ڪري ويا،
ان ڏس ۾ سي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موجب پراڻي سکر جي رائل روڊ واري علائقي مان اڻڄاتل چور رميش ڪمار جي گهر ۾ داخل ٿي جوابدار سونازيور ۽ نقدي چورائي فرار ٿي وياآهن چورن گهر جي بند دروازي جو تالو ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ رکيل چاليهه تولا سونازيور ۽ لکين رپيا روڪ رقم چوري ڪرڻ بعد گهر جي دروازي کي هڪ ٻيو تالا لڳائي ويا آھن
جاچ شروع ڪئي وئي آھي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آھيون۔گهر ڀاتي ڪجھ ڏينهن اڳ گهمڻ ويا هئا انهن جي غير موجودگي سبب چوري واقعو ٿيو آھي۔ اڻڄاتل چور ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو سامان چوري ڪري وياآھن۔
جُولاءِ 16, 2023