دادو: ميونسپل ڪاميٽي عمارت جي تعميرلاءِ ڪوشش ڪيان پيو: پيردانش علي
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو تعلقي ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين پيردانش علي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته دادو ميونسپل ڪاميٽي جي بلڊنگ ڪمزوري ٿي وئي آهي نئين بلڊنگ تعمير ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، دادو ميونسپل ڪاميٽي انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي جنهن کي جلد حل ڪيو ويندو اهڙو اظهار پيردانش علي منعقد تقريب ۾ ڪيو،
وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه پاران لوڪل گورنمينٽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميونسپل ڪاميٽي ۽ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جي لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي۔
تقريب ۾ ضلع دادو سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه ۽ سيد ناصر شاه وزير بلديات سنڌ سان ملاقات دادو ميونسپل ڪميٽي چيئرمين پيردانش علي دادو ميونسپل ڪميٽي جي مسئلن بابت آگاھي ڏني.
جُولاءِ 16, 2023