حڪومتي مدو پورو ٿيڻ کان اڳ اقتدار نگران حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين: وزيرِاعظم
سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته اسان حڪومتي مدو پورو ٿيڻ پهريان وينداسين ، ۽ نگران حڪومت ايندي.سيالڪوٽ ۾ گورنمينٽ ڪاليج وومين يونيورسٽيءَ ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم جي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته قوم جي نياڻين کي چوان ٿو ته ليپ ٽاپ اوهان کي ڏيڻ جو ٿورو ناهي، ليپ ٽاپ رڳو ميرٽ جي بنياد تي ڏنا ويا آهن، هن سال به هڪ لک ليپ ٽاپ ڏنا ويندا.هن چيوته عورتن لاءِ هن سال بجيٽ ۾ پنج ارب رُپيا رکيا آهن،جيستائين عورت نظام جو حصو نه بڻجندي، مُلڪ ترقي نه ڪري سگهندي، نياڻين کي تعليم حاصل ڪري عملي ميدان ۾ اچڻو پوندو.وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اسان جي حڪومت ايندڙ مهيني پنهنجو مدو مڪمل ڪندي پر اسان مدو پورو ٿيڻ کان اڳ پهريان وينداسين ۽ نگران حڪومت ايندي.ان کان اڳ لاهور ۾ يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت نوجوانن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته جنهن کي به عوام اڳتي آڻيندو اسان تسليم ڪنداسين، نواز شريف کي جيڪڏهن موقعو ڏنو ويو ته واعدو آهي ته هو پاڪستان کي ترقي، خوشحاليءَ ڏانهن وٺي ويندو.وزيراعظم پي ٽي آءِ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان جي چار سالا دور ۾ جيڪا تباهي، بربادي ٿي ان جو مثال نٿو ملي.هن چيو ته اربين رُپين جا اسڪينڊل چئن سالن دوران ٿيا، بي آر ٽي، مالم جبه، کنڊ اسڪينڊل، 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل اسان جي دور ۾ ته نه ٿيا.سندس چوڻ هو ته حقيقتن تي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي، عوام جيڪو فيصلو ڏنو اسان قبول ڪنداسين، معيشت جي بحالي بابت جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا ته معاشي ترقي قدم چُمندي.وزيراعظم تقريب تقرير ڪندي چيو ته ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو ملهه بهتر ٿيڻ تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي.سندس چوڻ هو ته ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جو ملهه بهتر ٿيڻ سبب عوام کي رليف ڏنو پيو وڃي، ملڪ خلاف سازشن کي دفن ڪيو ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام ڪو حلوو نه پر سندن لاءِ چئلينج آهي، دليري سان فيصلا ڪرڻ سان معيشيت بهتر ٿيندي، ملڪ جي قسمت تبديل ڪرڻ لاءِ متحد ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي.هن چيو ته نواز شريف کي اقتدار کان ڇو محروم ڪيو ويو سڀني کي خبر پئجي چڪي آهي، نواز شريف نوجوانن کي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف بدارن ليپ ٽاپ ڏنا.
جُولاءِ 16, 2023