آرمي چيف جو ايران جو دورو مڪمل
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير جو ايران جو ٻن ڏينهن وارو دورو مڪمل ٿي ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جو ايران جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن دوران آرمي چيف ايراني فوجي قيادت سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبدالله سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان ۽ ايران ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير ايراني هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل محمد باقري سان به ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ ٻنهي پاسن جي فوجي ڪمانڊرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته دهشتگردي خطي لاءِ مجموعي طور تي ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ خاص طور تي گڏيل خطرو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي فوجي قيادت ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڄاڻ جي مٽا سٽا ذريعي سرحدي علائقن ۾ دهشتگردي جو خاتمو آندو ويندو جڏهن ته انهن دهشتگرد نيٽ ورڪن خلاف موثر ڪارروائي تي به اتفاق ڪيو ويو ۽ سيڪيورٽي شعبي ۾ سهڪار کي وڌائڻ جا طريقا ڳولڻ تي به اتفاق ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي آمد تي ايراني هٿياربند فوج جي جوانن ملٽري هيڊڪوارٽرز ۾ گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو.
جُولاءِ 16, 2023