ڏوڪري ۾ ڳوٺاڻن جو زمين تي سئوٽ پاران قبضي خلاف احتجاج
ڏوڪري (قاضي فريد) ڏوڪريءَ ۾ ڳوٺاڻن طرفان زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته سوٽ زمين ۽ ڦٻائي ويا آهن ابن ڏاڏن جي ملڪيت مان حصيدار آهيون پر گهرڻ تان موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،
انصاف ڪيو وڃي. ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ڳوٺ وڪڙو جي رهواسين اسدﷲ، ساعت علي ۽ عبدالغني سولنگي احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا عزيز ابن ڏاڏن جي ملڪيت جيڪا 25 جريبن مان اسان جو حصو 10 جريب آهي جن مان 5جريب ڏنو آهي،
ھنن چيو ته اسان کي پنهنجو وڌيڪ 5 جريب ڦٻائي رهيا آهن، گهر ڪرڻ تان ھٿيارن جي زور تي تشدد ڪيو ويو آهي، اسان موهن جو دڙو ٿاڻي تي فرياد ڪئي آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو خدارا اسان جو انصاف ڪيو وڃي ۽ پنهنجي حصي ۾ ايندڙ زمين ڏياري وڇي
جُولاءِ 15, 2023