ڏوڪري ۾ پاڻي جي ھٿراڌو کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاھرو
ڏوڪري (قاضي فريد) ڏوڪري ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف سوين آبادگارن ھارين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.سونهري، بٺ شاخ، موهن جو دڙو شاخ، بکوديرو مائنر سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي جه ھٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ھارين سونهري ريگيوليٽر تي سخت گرمي ۾ نٽھڻ اس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو.
انهي موقعي تي آبادگارن ۽ ھارين محمد رمضان جيسر،نثار چنه، حسين سولنگي، سيد جمن شاھ، مجيد ميتلو، غلام ﷲ ميتلو، در محمد جوڻيجو، سيد نور شاھ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جي ھٿرادو کوٽ جي ڪر ھن وقت تائين سارين جه ٻيجار به نه پوکجي سگهيو،سخت پريشاني جي صورتحال آهي،
گذريل سال جي برسات ۽ ٻوڏ سبب نقصان ٿيو پر سال به پاڻي نہ ملڻ ڪري ھتان جو آبادگار ۽ ھاري ڏکي زندگي گذارڻ لاءِ مجبور آهي.ھنن الزام لڳائيندي چيو ته آبپاشي انجنيئر ۽ ٻيا آفيسر ھٿ سا پاڻي روڪي رشوت گهري رهيا آهن
نہ ڏيڻ ت پاڻي نٿو ڏنو وڃي. ھنن مطالبو ڪندي چيو تہ پاڻي جي کوٽ ختم نہ وئي تہ لاڙڪاڻو موهن جو دڙو روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويندو
جُولاءِ 15, 2023