چوٽياريون ۾ ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) چوٽياريون ۾ ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج,
پوليس اسانجو نوجوان ٽن ڏينهن کان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي:ڳوٺاڻن جو الزام. چوٽياريون وايا اڇڙوٿر روڊ تي اڇڙو ٿر جي ديھ راڙ جي ڳوٺاڻن درياخاتون ڳاھو دولت ڳاھو حسين ڳاھو خالد ڳاھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چوٽياريون پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو ته چوٽياريون پوليس نوجوان حسين ڳاهو جيڪو پاڻ گردن جو مريض به آھي
۽ پنهنجا ٻار وٺي ٽنڊومٺاخان جي اسپتال ۾ علاج لاء پئي ويو ته چوٽياريون پوليس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي هنن وڌيڪ چيو ته اسان غريب مسڪين آھيون اسان وس وارن کان گهر ٿا ڪريون ته اسان جي مدد ڪئي وڃي ۽ نوجوان حسن ڳاهو کي آزاد ڪرايو وڃي
ٻئي پاسي صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او چوٽياريون نبي بخش لاشاري الزامن جي ترديد ڪندي ٻڌايو ته اسان وٽ اھڙو ڪو به ماڻھون گرفتار نه آھي نه وري ڪا ايف آئي آر داخل ٿي آھي
جُولاءِ 15, 2023