پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ سينيئر سياستدان جو ن ليگ جي اعليٰ قيادت سان رابطن جو انڪشاف
پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ سينيئر سياستدان ۽ ن ليگ ۾ رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي.ذريعن موجب اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جا ن ليگ جي اعليٰ قيادت سان بيڪ ڊور رابطا جاري آهن، جڏهن ته ليگي قيادت کيس شموليت لاءِ گرين سگنل به ڏئي رهيو آهي.معاملا طئي ٿيڻ جي صورت ۾ تحريڪ انصاف جو اڳوڻو اڳواڻ پرويز خٽڪ وزيراعظم شهباز شريف جي موجودگي ۾ ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪندو.واضح رهي ته تحريڪ انصاف شوڪاز نوٽيس جو جواب نه ڏيڻ تي پرويز خٽڪ جي بنيادي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي هئي.
جُولاءِ 15, 2023