ٺٽو لڳ روڊ حادثو، نوجوان فوت، سندس گھر واري ۽ پٽ زخمي
ٺٽو(نظير احمد قريشي) ٺٽي شھر جي آمري اسٽاپ درگاھ حضرت سخي شاھ گوھر گنج سامھون روڊ تي ڪار ۾ موٽر سائيڪل ۾ خوفناڪ ٽڪر، سجاول شھر مان شادي جي تقريب مان موٽندڙ غلام الله واسي نوجوان فوت، سندس گھر واري ۽ معصوم پٽ زخمي، زخمي اسپتال داخل،
تفصيل موجب ٺٽي شھر جي آمري اسٽاپ ڀرسان مڇي مارڪيٽ ۽ درگاھ حضرت سخي شاھ گوھر گنج سامھون روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ گذريل رات دير سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار غلام الله شھر واسي نوجوان ارشاد ميمڻ موقعي تي فوت ٿي ويو،
جڏھن تہ سندس گھر واري ۽ معصوم پٽ سخت زخمي ٿي ويا، زخمين ۽ فوتي جو لاش سول اسپتال مڪلي پھچائي لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري زخمين کي اسپتال ۾ علاج ھيٺ رکيو ويو اھي،
ياد رھي تہ فوتي ۽ زخمي غلام الله شھر جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن جيڪي گذريل رات سجاول مان ھڪ شادي تقريب مان ٿي واپس ڳوٺ ويندي ٺٽي شھر ڀرسان حادثي جو شڪار بڻجي ويا،
جنھن ۾ گھر ڀاتي ارشاد ميمڻ موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن تہ سندس گھر واري ۽ معصوم پٽ زخمي ٿي پيا، جيڪي علاج ھيٺ آھن.
جُولاءِ 15, 2023