ٺاروشاھ: پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي پاران احتجاجي مظاھرو
ٺاروشاھ (رپورٽر: اسد سولنگي) ٺاروشاھ ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي وارثن کي موت مار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف احتجاج برادريء جي بااثرن جرڳو ڪري پنجاھ لک روپيا ڏنڊ مڙھي شھر نيڪالي جي فتوي’ جاري ڪئي آھي انصاف جو مطالبو,
اٺ ڏينهن اڳ ٺاروشاھ جي ميمڻ محلا واسي نوجوان مدثر ميمڻ برادريء جي ناري انمول ميمڻ سان نوشھروفيروز فيروز جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هئو
جنهن تان پريمڪا جي وارثن ۽ برادريء جي چڱي مڙسن پاران جرڳو ڪري جوڙي کي شھر نيڪالي ڏيڻ ۽ پريمي جي وارثن مٿان پنجاھ لک روپيا ڏنڊ مڙيو جنهن خلاف پريمي جي پيء الهندو ميمڻ ڀاء عبدالرحمان ميمڻ شاهزيب ميمڻ پريس ڪلب پهچي دانهيندي ٻڏايو ته پٽ پيار جو پرڻو ڪيو آھي جنهن تي برادريء وارن آفتاب ميمڻ نظير ميمڻ ڪٺ گهرائي جوڙي کي ڪارو قرار ڏئي شھر نيڪالي ڏيڻ سان گڏ پنجاھ لک روپيا ڏنڍ مڙيو آھي
ڏنڍ نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان کي مارڻ لاء ڳولي رهيا آھن ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن
هنن چيو ته انصاف ڪري تحفظ فرهام ڪري زندگيون بچايو وڃن نه ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو
جُولاءِ 15, 2023