وڳڻ: سٽي آف ناليج گرامر پبلڪ اسڪول ۾ چٽا ڀيٽي امتحان منعقد

Spread the love

وڳڻ (رپورٽر) وڳڻ جي سٽي آف ناليج گرامر پبلڪ اسڪول وڳڻ ۾ مهيني ۾ ڏنل تعليم مطابق چٽا ڀيٽي جو امتحان ورتو ويو ان کانپوء پاس انائونس ڪئي وئي

 پوزيشن کڻدڙن ۾ ڪپ پڻ ورھايا ويا جن ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙ سردار احمد سومرو ۽ فهد چانڊيو ۽ ٻئين پوزيشن کڻندڙ مسهود احمد سومرو جڏهن تـ ٽئين پوزيشن کڻندڙ محمد عمر سومرو کي پڻ ڪپ انعام طور ڏنا ويا

 ان موقعي تي پرنسيپال عبدالستار ٽڳڙ چيو تـ تعليم جو بھتر معيار جاچڻ  لا۽ مھيني وارو چٽا ڀيٽي جو امتحان وٺندا آهيون ۽ ڪامياب شاگردن کي انعام ڏنا ويندا آهن جنهن تي شاگردن جي محنت ۾ شامل حوصلا افزائي ضروري آهي

۽ علم جي لاٽ سان پورو علائقو ۽ سماج سڌاري سگھجي ٿو جڏهن تـ پڙھيا لکيا انسان ملڪ جو نالو روشن ڪندا آهن ان  ۾ تعليم ھجڻ ضروري آهي

جُولاءِ 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو