ميرپورخاص: ڳوٺ رتن آباد ۾ 300 غريب خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي ڳوٺ رتن آباد ۾ پرائمري ايجوڪيشن پروجيڪٽ آف حيدرآباد جي پرائمري ايجوڪيشن پروجيڪٽ تحت ٽيئر فنڊ آف پاڪستان پاران 300 غريب خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو،
راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي فينياز جان، مٺو نارو ۽ ٻين چيو ته اسان هميشه غريبن جي بنا ڪنهن فرق جي مدد ڪئي آهي،
اڄ رتن آباد ۾ 300 غريب خاندانن ۾ بنا ڪنهن فرق جي راشن ورهايو ويو آهي، هڪ سروي ڪرايو ويو آهي،
جنهن جي بنياد تي هن دور ۾ مستحق ماڻهن کي راشن ڏنو ويو آهي. مهانگائي، غريب ماڻهو خوراڪ لاءِ پريشان، مختلف ضلعن ۾ مستحقن کي رليف ڏنو پيو وڃي.
جُولاءِ 15, 2023