ملڪ ۾ بسن ۽ ٽرڪن جي پيداوار ۾ وڏي گهٽتائي اچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بسن ۽ ٽرڪن جي پيداوار ۾ گذريل مالي سال دوران سالياني بنيادن تي 41 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.آل پاڪستان آٽو مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي انگن اکرن موجب مالي سال 2023 ۾ ملڪ ۾ بسن ۽ ٽرڪن جي 3836 يونٽس پيداوار رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا مالي سال 2022 جي ان ئي مدي جي ڀيٽ ۾ 41 سيڪڙو گهٽ آهي.رپورٽ موجب مالي سال 2022 ۾ ملڪ ۾ بسن ۽ ٽرڪن جي 6498 يونٽس جي پيداوار رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جون ۾ بسن ۽ ٽرڪن جي 149 يونٽس پيداوار رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا مئي جي 153 يونٽس جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو ۽ گذريل سال جون جي ڀيٽ ۾ 75 سيڪڙو گهٽ آهي.انگن اکرن موجب گذريل مالي سال دوران هينو جي 838 يونٽس، ماسٽر جي 1234 يونٽس، جي اي سي جي 164 يونٽس ۽ ايسوزو جي 1600 يونٽس جي پيداوار رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

جُولاءِ 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو