ملير: مشھور ليکڪ نذير احمد چنا جي انگريزي ڪالمن تي ٻڌل ڪتاب جي مھورت ڪئي وئي

Spread the love

ملير(ڊر) نامور ليکڪ نذير احمد چنا جي انگريزي ڪالمن تي ٻڌل ڪتاب جي مھورت ۽ مزاحمتي ڪردار منصور حلاج جي ورسي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿي گذري جنھن ۾ ملير ضلعي جي مختلف علائقن مان سماجي اڳواڻن  ليکڪن ۽ دانشورن سميت ساڃاھ وندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

 ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي نذير چنا چيو ته موجوده سماجي سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ حق سچ جي اھميت نه رھي آھي لالچ  مخبري  ۽ ڪوڙ چوٽ چڙھيل آھي تنھن ھوندي به حق سچ جو ھميشه ڳاٽ اوچو رھيو آھي ھن چيو ته ليکڪ جي حيثيت ۾ مون جيڪي ڪالم لکيا آھن اھي ڪتابي شڪل ۾ پڙھندڙن جي سامھون آندا آھن

 منھنجي نظر ۾ انساني حقن جي وڏي اھميت آھي ھن معاشري ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿيندي رهي ٿي ۽ اتي ظلم جبر ۽ ناانصافي وڌي وڃي ٿو ھن چيو ته منصور حلاج ڪنڌ ڪپائي ڦاھي ڳاٽ تي ظالمن اڳيان ڪاڻ نه مڃي اسان ان ئي عظيم شخصيت جا پوئيلڳ آھيون وچن آهي

ته ھميشه سچ جي راھ تي ھلنداسين ايڊوڪيٽ نسيم احمد چيو ته منصور حلاج جي مزاحمت مستقل مزاجي سان هئي اڄ هن شيءَ جي جيتري ضرورت آھي اوتري اڳين نه ھئي نذير احمد چنا وڏي عمر ۾ لکي رھيو آھي

سندس مثبت سوچ ۽ نظريي کي سمجھڻ گھرجي آخر ۾ گڏيل طور قرارداد پيش ڪئي جنھن ۾ نذير احمد چنا کي حڪومت پاران سول ايوارڊ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو

جُولاءِ 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو