محرم الحرام ۾ امن بحال رکڻ اسام جي ذميواري آھي: ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز
نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر شاھ زيب شيخ چيو آھي تہ محرم الحرام اسان کي صبر ۽ ڀائيچارو قائم رکڻ جي تلقين ڪري ٿو،
محرم الحرام ۾ امن وامان برقرار رکڻ سڀني مذھبي جماعتن ۽ انتظاميہ جي گڏيل ذميواري آھي ان ڳالھ جو اظھار ھن محرم الحرام دوران امن و امان برقرار رکڻ ۽ ٻين انتظامن جي سلسلي ۾ گھرايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.
اجلاس ۾ ايس ايس پي ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي، رينجرز، پاڪ فوج، صحت، لوڪل گورنمنٽ، سول ڊفينس، سيپڪو، سئي گيس، ٽائون ۽ ميونسپل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر انجنيئر سيپڪو کي ھدايت ڪئي تہ محرم الحرام ۾ شام ۽ رات جي وقت لوڊ شيڊنگ نہ ڪئي وڃي،
ھن ميونسپل ۽ ٽائون آفيسرن کي ھدايت ڪئي تہ ماتمي جلوسن جي روٽن جي فوري طور تي صفائي ڪرائي وڃي ۽ روٽ تي پيل بجري، ريتي، مٽي ۽ ٻيو تعميراتي سامان فوري طور تي کڻايو وڃي، ھن ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر کي ھدايت ڪئي تہ ماتمي جلوسن ۾گھربل دوائون، ايمبولينس ۽ طبي عملو فراھم ڪيو وڃي،
اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي چيو تہ مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي سدائين وانگر سيڪورٽي فراھم ڪئي ويندي جنھن لاءِ سيڪورٽي پلان جوڙيو ويو آھي ان کان اڳ اجلاس ۾ شريڪ علمائي ڪرام شھرن ۾ گندگي، لوڊ شيڊنگ ۽ ناجائز قبضن جون شڪايتون ڪيون.
جُولاءِ 15, 2023