شادي جي ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪنوار گھوٽ کي لُٽي فرار

Spread the love

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان جي تعلقي لياقت پور ۾ ڪنوار مبينا طور تي شادي جي ٻن ڏينهن کان پوءِ گھوٽ کي لُٽي فرار ٿي وئي.متاثر گھوٽ خادم حسين سٽي ٿاڻي تي سميرا نالي ناري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي. هن پوليس کي ٻڌايو ته منهنجي ٻه ڏينهن اڳ سميرا سان شادي ٿي هئي.خادم حسين پوليس کي ٻڌايو ته ڇوڪري وارن طرفان جعلي نڪاح ڪرايو ويو، سميرا گھر مان روڪ رقم ۽ سون کڻي گم ٿي وئي.پوليس موجب قانون موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

جُولاءِ 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو