سکر يونين آف جرنلسٽس جي وفد پاران مظفر حسين چارڻ سان تعزيت جو اظھار

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ)سکر يونين آف جنرلسٽس جي وفد صدر امداد بوزدار، جنرل سيڪريٽري سيد احقر رضوي، نائب صدر خالد حسين ٻانڀڻ، ڪاشف ڦلپوٽو    ۽ گهوٽڪي يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري تاج محمد ٽانوري جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي ضلعي جي يونٽ اوٻاوڙو يونين آف جنرلسٽس جي جنرل سيڪريٽري مظفر حسين چارڻ جي رهائشگاهه تي پهچي سندس ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي

 جنهن بعد اوٻاوڙو يونين آف جنرلسٽس جي آفيس پهچي يونٽ جي دوستن سان ملا ڪئي ان موقعي تي سکر يونين آف جنرلسٽس جي صدر امداد بوزدار جو چوڻ هو ته پنهنجي قائد لالا اسد پٺاڻ جي ڪاوشن ۽ محنت جي بدولت اسان جي صحافي برادري مستحڪم ۽ هڪ آواز آهي

 ۽ لالا اسد پٺاڻ جي تعاون سان تمام ضلعن ۽ تعلقن جي يونٽن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻايو ويندو ۽ اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته اوٻاوڙو يونين آف جنرلسٽس سٺي نموني سان ڪم ڪري رهي آهي

اوٻاوڙو جو يونٽ جي ڪارڪردگي قابل تعريف آهي ان موقعي تي آيل مهمان کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا ان دوران سکر يونين آف جنرلسٽس جي اڳواڻ ملڪ محمد اسلم، ضلعي گهوٽڪي جي اڳواڻ بشير احمد ملڪ، صدر غلام قمبر بوهڙ ،جرنل سيڪريٽري مظفر حسين چارڻ، حبيب الرحمان چاچڙ ،محمد پنهل سمون عبدالغفار پنھور ،نادر حسين ڀٽي، ملڪ بھرام علي، نذیر احمد ملڪ، مقبول ملڪ، نذير احمد ٿهيم، عبدالحئي ڇڄڻ، صوبو خان چوهاڻ، ايم يونس جگر، محمد اسلم ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي،،

جُولاءِ 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو