سيوھڻ لڳ روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت ، 4 عورتن سميت 12 ڄڻا سخت زخمي
سيوهڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ ڀرسان لڪي شاھ صدر حيدر خان رند ڳوٺ جي ڀرسان ڪار ۽ ڊوم وين ۾ زودار ٽڪر نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ، 4 عورتن سميت 12 ڄڻا سخت زخمي ، ذريعا
ڪار ڊرائيور جعفر پٽ غلام نبي کونهارو موقئي تي فوت زخمين ۾ وھاب کونهارو ، سجادکونهارو ، حسين کونھارو، فقير محمد کونھارو ، مسمات صغران زال رجب ملاح ، اياز ابڙو، مسمات ممتاز زال محمد مٺل سولنگي ، محمد مٺل ، غلام مصطفي ڏيپر، مسمات زرينا جمالي ، ڪوثر جمالي شامل ذريعا زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيو ويو ، ذريعا جڏھن ت ٻڌائيندو ھلان ت انڊس ھاء وي سيوھڻ کان حيدرآباد واري روڊ تي روزآنہ جي بنياد تي ھي حادثا ٿي رھيا آھن
پر وفاقي حڪومت ھن انڊس ھاء وي روڊ کي ڊبل روڊ جي ڪم کي مڪمل ن ڪرائي سگھي آھي جڏھن ت انڊس ھاء وي روڊ کي ڊبل ڪرڻ واري ڪم کي ڪيترائي سال گذري ويا آھن پر انڊس ھاء وي روڊ اڃان تائين مڪمل ن ٿي سگھيو آھي ذريعن کان معلوم ٿيو آھي
ت وفاقي حڪومت ھن روڊ جي تعميرات ڪرڻ جي ڪم جي رقم جاري ڪرڻ ۾ دير ڪري رھي آھي انڊس ھاء وي روڊ جو ڪم ان جي ڪري سست رفتار ۾ ھلي رھيو آھي جنھن لاء حڪومت پاڪستان کي گھرجي ت انڊس ھاء وي روڊ سيوھڻ کان ڄامشورو تائين جي روڊ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرائي ، ت جيئن انساني جانيون روڊ حادثن کان بچي سگھن جڏھن ت ھن روڊ تي موٽروي پوليس پڻ مقرر ٿيل آھي
پر اھا موٽروي پوليس نالي ماتر ڪم ڪري رھي آھي ۽ اھا گاڏين جي تيز رفتاري تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام نظر اچي رھي آھي
جُولاءِ 15, 2023