سيوهڻ: عام واهپي وارين شين جا اگهھ آسمان تي پھتل، پرائز ڪنٽرول ريٽ لسٽ تي عمل ٿي سگهيو
سيوھڻ ( رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ عام واهپي وارين شين جا اگھ آسمان تي پھتل مارڪيٽ ڪاميٽي ڀان جي پرائز ڪنٽرول ريٽ لسٽ تي عمل نہ ٿي رھيو آھي
دوڪاندار پنھنجي من ماني ڪري ھٿ جا اگھ غريب عوام کان وصول ڪري رھيا آھن جڏھن ت سبزي جا دوڪاندار ريٽ لسٽن جي اگھن تي ڪوب عمل ن ڪري رھيا آھن ڏسڻو اھيو آھي ت انھن ريٽ لسٽن تي عمل ڪير ڪرائيندو جڏھن ت سيوھڻ تعلقه جا عملدار ڪڏھن ب ريٽ لسٽون چيڪ ڪرڻ دوڪانن تي ن آيا آھن
ضرورت ان ڳالھ جي آھي ت سيوھڻ تعلقه جا عملدار ريٽ لسٽون چيڪ ڪرڻ لاء اوچتو دوڪان. تي ڇاپا ھڻڻ ۽ سبزي فروٽ ۽ سيدي جي سامان جا اگھ چيڪ ڪن ت خبر پئجي ويندي ت ڪھڙا دوڪاندار اگھ وڌيڪ وٺي رھيا آھن
خدارا سيوھڻ جي غريب عوام تي رحم ڪريو ۽ روز مره جي شين جا اگھ گھٽ ڪريو ۽ سيوھڻ جي غريب عوام کي ڪجھ فائدو ڏيو سامان سستو وڪرو ڪيو.
جُولاءِ 15, 2023