سانگهڙ: ضلعي انتظاميا پاران محرم الحرام بابت سيڪورٽي انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ضلع انتظامیہ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي سمیت مڙني انتظامن جي سلسلي ۾ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي جنهن تحت مک شهرن ۾ ڳجھيون ڪيمرا لڳائڻ. ضلعي جي اندروني ۽ بيروني رستن تي چڪاس جو عمل تيز ڪرڻ.

مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي رستن تي سخت پيٽرولنگ ڪرڻ. سڄي ضلعي ۾ 144 قلم لاڳو ڪرڻ، صفائي سٿرائي جا جوڳا انتظام ڪرڻ  ۽ سڄي صورتحال جي نگراني جي لاء ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي آفيس ۾ هڪ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ شامل آهي.

 ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد جي صدارت هيٺ اڄ سندس آفيس ۾ محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ايس ايس پي عابد علي بلوچ سميت سمورن لاڳاپيل عملدارن، مختلف مذهبي تنظيمن سان واسطو رکندڙ عالم سڳورن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن شرڪت ڪئي.

 گڏجاڻي کي خطاب ڪندي  ڊپٽي ڪمشنر محمد اسحاق گاد چيو ته محرم الحرام جي ڏهاڙن دوران امن امان برقرار رکڻ سندس اولين ترجيح آهي جڏهن ته صفائي سٿرائي جي حوالي سان پڻ بهتر انتظام ڪيا ويندا. هن چيو ته سڄي ضلعي جي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪئي ويندي ۽ مک روڊن تي چڪاس پڻ ڪئي ويندي.

 هن چيو ته سمورن شهرن ۾ ماتمي جلوسن جي گذر گاهن تي صفائي ۽ سبيل جو اهتمام ڪيو ويندو جڏهن ته هن صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته جلوسن جي گذر گاهن تي طبي ڪيمپون قائم ڪيون وڃن ۽ ضروري دوائون، ايمبولينس سميت عملي جي موجودگي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي ايس ايس پي عابد علي بلوچ چيو ته مختلف شهرن ۾ پوليس. رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويندا جڏهن ته پاڪ آرمي جي جوانن کي اسٽيڊ باء رکيو ويو آهي ضرورت پوڻ تي انهن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، هن ٻڌايو ته سڄي ضلعي ۾ 2547 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

هن عالم سڳورن کي اپيل ڪئي ته هو نفرت انگيز تقريرن کان پاسو ڪن ۽ امت مسلمہ ۾ ہم آهنگي ۽ ڀائپي جو درس ڏين انهي کان علاوه سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙن جي شڪايت ايف آئي اي کي ڪئي وڃي.

 هن چيو ته محرم الحرام جي حوالي سان بنا اجازت وارا ماتمي جلوس نه ڪڍيا وڃن ۽ ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي جلوسن ۽ مجلسن جي وقت جي پابندي پڻ ڪئي وڃي. هن چيو ته مجلسن ۾ لائوڊ اسپيڪر جو استعمال به ايترو ڪيو وڃي جيتري ضرورت هجي.

جُولاءِ 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو