دادو: جوهي جي ڳوٺ  چاڪر ڪوٽ واسين جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، ڌرڻو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) جوهي جي ڳوٺ  چاڪر ڪوٽ جي رهواسين دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هئڻ بعد دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪليم الله، غلام قادر،رسول بخش،مسمات جميلان،غلام شيبر لاشاري ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري احمد خان، گاجي خان، فهد لغاري ۽ ٻين ڳوٺ ايندي اسان جي نوجوان محمد ميرل لاشاري کي چوري جي الزام هيٺ وچ روڊ تان اغوا ڪرڻ بعد جهنگ ۾ وٺي سندس مٿان سخت تشدد ڪري سندس جي نازڪ عضون م پيٽرول ۽ ڳاڙها مرچ وجهي وحشياڻو تشدد ڪيو آهي،

جنهن خلاف اسان دادو پريس ڪلب ۾ انصاف لاءِ پهتا آهيون،هنن چيو ته ظالم وڏيري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي سندس سئوٽ ايم پي اي سجيلا لغاري آهي جنهن جي ڏاڍ تي اسان ڳوٺ واسين جو هنن جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي،

 جڏهن چاهين ڪنهن ڳوٺاڻي تي چوري جو الزام هڻي مٿس تشدد ڪن ٿا پوليس به سندن جي ساٿاري آهي، تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان محمد ميرل لاشاري صحافين کي ٻڌايو ته مون کي احمد خان،گاجي خان ۽ فهد لغاري ۽ ٻين ڳوٺ ايندي اغوا ڪيو ۽ جهنگ ۾ وٺي وڃي مون سان ظلم ڪيو اٿن جنهن ڪري 20 ڪلاڪ گهر ۾ بيهوش هيس،هنن چيو ته وڏيرا ڳوٺ جي رهواسين لاءِ ناسور بڻجي ويا آهن،

مون کين منٿون ڪيون ته  آءُ چور نه آهيان  پر هنن مون مٿان تشدد ڪري نازڪ جڳھ ۾ پيٽرول ۽ ڳاڙها مرچ وجهي ۽ نڪ ۾ پاڻي وجهي مرڻينگ ڪيو،ڳوٺ وارن پاڪ ڪلام کڻي وٽن ويا جنهن بعد مونکي هنن ڊرگھ بالا پوليس حوالي ڪيو

 جتي پوليس ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي ڇڏي ڏنو،هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي آڙ۾ هي ڳوٺ جي زمينن تي قبضا ڪن پيا وري ڪو دانهن ڪوڪ ڪري ٿو ته ان مٿان مون وانگر تشدد ڪيو وڃي ٿو،ڳوٺائڻ آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو، سيشن جج دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو

ته مون تي انسانيت لڄائيندڙ تشدد ڪندڙ وڏيرن ۽ ان جي ساٿارين کي گرفتار ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪري تحفظ ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ اندر احتجاج ڪيو ويندو،

جُولاءِ 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو