اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۾ اهم ملاقات

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ٿي، جنهن ۾ سياسي معاملن ۽ نگران سيٽ اپ تي مشاورت ٿي.پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي رهائشگاهه ماڊل ٽائون پهتو.ماڊل ٽائون پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف، آصف علي زرداري جي آجيان ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ۾ ملاقات ٿي.ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، گڏوگڏ قومي اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ ايندڙ نگران سيٽ اپ سميت ٻين معاملن تي به مشاورت ڪئي وئي.

جُولاءِ 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو