پي ٽي آءِ دهشتگرد سوچ رکي ٿي، پ پ ملڪ کي ايٽمي پروگرام سان گڏ آئين ڏنو: شرجيل ميمڻ
اسلام آباد:(ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته موجوده حڪومت جمهوري عمل کي مڪمل ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي يقين رکي ٿي ته چونڊون آئين جي دائري ۾ رهندي مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجن. ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زراري هوندو. اسلام آباد ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت ملڪ جو ائٽمي پروگرام شروع ڪيو، ملڪ کي آئين ڏنو ۽ جانيون قربان ڪيون سنڌ ۾ صحت کاتي پاران موذي مرضن جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي سڄي پاڪستان مان ماڻهو علاج لاءِ سنڌ اچن ٿا. صوبائي وزير چيو ته هڪ گروپ صحت ڪارڊ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ ۾ هيلٿ ڪارڊ کانسواءِ علاج مفت ۾ ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گلابي بسون هلايون ويون، سڄي ملڪ ۾ عورتن لاءِ گلابي بسون هلايون ويون. عوام جي خدمت ڪرڻ اسان جو فرض آهي شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ پاران دعويٰ ڪيل پنج ڪروڙ گهرن مان هڪ به گهر ناهي مليو پيپلز پارٽي ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ لک گهر ٺهرائي ڇڏيا آهن ڪراچي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ڪراچي جو گند ڪچرو کنيو پيو وڃي چونڊن ۾ ووٽ ان کي ئي ملندو جيڪو امن امان قائم ڪندڙ ادارن خلاف نه هوندو . اسان جي ليڊر کي سپريم ڪورٽ پاران عدالتي قتل ڪيو ويو آهي اسرائيل پڌرائي ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت سامهون اچي وئي آهي جنهن کان پوءِ سڀني جون اکيون کلي ويون شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بال ٺاڪري جي صورت ۾ لاڳو ٿيو پي ٽي آءِ دهشتگرد سوچ رکي ٿي جنهن قومي ادارن ۽ قومي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، ملڪ ۾ فساد پکيڙڻ ۾ ان جو هٿ آهي پي ٽي آءِ جي قيادت ملڪ کي مسلسل نقصان پهچائي رهي آهي پيپلز پارٽي ملڪ کي بچائڻ لاءِ هميشه اڳيان بيٺل رهي آهي.
جُولاءِ 14, 2023