ٺاروشاھ: بدامني خلاف صحافي برادري پاران ٻئي ڏينھن بھ احتجاج
ٺاروشاھ ( اسد سولنگي) ٺاروشاھ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڌندڙ بدامني ۽ صحافي ثناء الله چنڙ جي پٽ ۽ ڀائٽيء کان فر ٿيل موٽر سائيڪلون واپس نه ٿيڻ خلاف اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاج, شھرين ۽ صحافين غلام شبير اڄڻ ثناء الله چنڙ شاهد سومرو ظھير سومرو فاروق ڏھراج ڪامريڊ اعجاز نصير ابڙو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته ٺاروشاھ ۽ آس پاس ۾ بد امني جي باھ ڀڙڪي پئي آھي
ڪوبه روڊ رستو دڪان گهر محفوظ ناهي شھري راتيون جاڳي ڪاٽڻ تي مجبور آھن روڊن تان فرون روز جو معمول بڻيل آھن ڪالھ رات نجي ٽي وي جي رپورٽر ثناء الله چنڙ جي پٽ احمد خان ڇنڙ ۽ ڀائٽئي ياسين ڇنڙ کان هٿياربند گاڏيون فر ڪري فرار ٿي ويا آھن
جڏھن ته ڪيترن ئي شھرين کان گاڏيون فر ٿي رهيون آھن پر پوليس ڪجھ به ڪرڻ لاء تيار نه آھي هنن چيو ته فوري طور وڌندڙ بدامني کي ٻنجو ڏئي صحافي جون فر ٿيل گاڏيون واپس ڪرايون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.
جُولاءِ 14, 2023