بابر کانپوءِ امام به لنڪا پريميئر ليگ جو حصو بڻجي ويو
ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر امام الحق جو به لنڪا پريميئر ليگ ۾ معاهدو ٿي ويو.
امام الحق پهريون ڀيرو پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن ليگ ۾ حصو وٺندو، هن جو ڪولمبو اسٽرائيڪرز سان معاهدو ٿيو آهي.
امام الحق کي آئرلينڊ جي رانديگر لورڪن ٽڪر جي متبادل طور سائن ڪيو ويو آهي، ڪولمبو اسٽرائيڪرز ۾ امام الحق کي بابر اعظم جو ساٿ حاصل هوندو.
واضح رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو به لنڪا پريميئر ليگ سان معاهدو ٿيل آهي.
