اها اداڪارا، جيڪا پريتي کي معافي جي لائق به نٿي سمجهي!
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سچترا ڪرشنا مورتي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي مڙس شيکر ڪپور سان عليحدگي جو اصل ڪارڻ اداڪارا پريتي زنٽا کي قرار ڏئي ڇڏيو.
سپر اسٽار شاهه رخ خان جي فلم ”ڪڀي هان ڪڀي نان“ سان ڊيبيو ڪندڙ سچترا ڪرشنا مورتي شادي جي 12 سالن کانپوءِ فلمساز شيکر ڪپور کان 2007 ۾ عليحدگي اختيار ڪئي هئي، سندس الزام هو ته مڙس مون کي دوکو ڏنو.
تازو هڪ انٽرويو ۾ سچترا ڪرشنا مورتي کان عليحدگي بابت سوال ڪيو ويو ته هن ان جو اصل ذميوار پريتي زنٽا کي قرار ڏنو
هن چيو ته پريتي کي شيکر ڪپور سان ناڪام شادي تي معاف نٿي ڪري سگهان، اڃا تائين ان کي معاف ناهي ڪيو ۽ هوءَ معافي جي لائق به ناهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ به سچترا ڪرشنا مورتي مڙس سان عليحدگي جو سبب پريتي زنٽا کي قرار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ۾ لفظي جنگ شروع ٿي هئي.
پريتي، سچترا کي گهريلو عورت قرار ڏيندي چيو هو ته مان انڊسٽري ۾ نمبر ون اداڪارا آهيان، توهان کي ڪنهن نفسياتي ماهر سان رابطو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته توهان جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي.
ان جي جواب ۾ سچترا چيو هو ته پريتي جيڪو به چوڻ چاهي چئي، هوءَ آزاد آهي، مون کي ان سان ڪو فرق نٿو پئي، ها مون کي گهريلو عورت هجڻ تي فخر آهي.
