ڪمشنر سکر جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي سلسلي ۾ اجلاس منعقد
سکر( رپورٽ: ماجد منگي ) ڪمشنر سکر ڊويزن غلام مصطفي ڦل جي صدارت هيٺ ڪمشنر آفيس سکر جي ڪانفرنس هال ۾ محرم الحرام جي انتظام، امن امان ۽ ٻين اهم معاملن تي ڊويزنل سطح جي اهم گڏجاڻي ٿي گذري. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي جاويد احمد جسڪاڻي ، رينجرز جي ميجر خبيب ، سکر، خيرپور، گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنرز، ايس ايس پيز، ، ڊي ايڇ اوز، ايگزيڪٽو انجينئر سيپڪو، سئي گيس انجينئر، شيعه ، سني علماء ڪرام، اڳواڻ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ محرم الحرام دوران سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور ۾ محرم ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪمشنر سکر ڊويزن غلام مصطفي ڦل پوليس، رينجرز، صحت، سيپڪو، ميونسپل، سول ڊفينس جي آفيسرن کي هدايت ڏيندي چيو ته محرم الحرام جي پهريان لاڳاپيل انتظام مڪمل ڪيا وڃن،
مجلسن ۽ جلوسن ۾ شرڪت ڪندڙن جي تلاشي ورتي وڃي ۽ خانگي ليڊيز رضاڪار مقرر ڪيون وڃن، ڪمشنر سکر ڊويزن ميڊيڪل ڪيمپس، ايمبولينسون، بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي فعال رکڻ لاءِ هدايت ڪئي ته ڪانٽي جنسي پلان مطابق روزاني جي بنياد تي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. هن شيعه سني علماء اڪرام کي اپيل ڪئي ته محرم الحرام تقدس وارو مهينو آهي
حڪومت طرفان جاري ايس او پيز تي سختي سان عمل درآمد ڪرائڻ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن. ڪمشنر سکر ڊويزن چيو ته سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور جي سمورن انتظامن بابت ڊي آءِ جي سکر، پاڪ رينجرز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سان گڏجي تفصيلي دورو ڪيو ويندو. ڪمشنر سکر ڊويزن اسڪائوٽس، رضاڪار تنظيمن، مقرر ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ايمبولينسن جي تفصيلي لسٽون ڪمشنر آفيس ۽ لاڳاپيل ڊي سي آفيسن کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪانٽي جنسي پلان تي سختي سان عمل درآمد تي زور ڀريو.
ڪمشنر سکر ڊويزن بجلي ۽ گيس جي فراهمي، صفائي سٿرائي، روڊ رستن جي مرمت، جلوسن جي روٽس تي اسٽريٽ لائٽ بحال رکڻ بابت انتظام مڪمل ڪري رپورٽ ڊپٽي ڪمشنرن ذريعي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڊي آءِ جي سکر چيو ته مجلسن، جلوسن ۽ امام بارگاهن جا منتظمين رواداري جو ثبوت ڏيندي پوليس ۽ رينجرز سان گڏ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪن،
ڊي آءِ جي سکر ٻڌايو ته ٽنهي ضلعن ۾ امام بارگاهن محرم جا جلوس ۽ مجلسن ۾ هر سطح تي نظر رکندي پلان مطابق عمل ڪرڻو پوندو ته جئين امن امان سان محرم گذري. رينجرز جي ميجر خبيب اجلاس ۾ چيو ته سمورن کاتن جي گڏيل طور رٿا بندي تحت ڪم ڪرڻ پهرين ترجيح هوندي محرم الحرام دوران داخلي ۽ خارجي رستن جي سخت چيڪنگ ڪئي ويندي
۽ محرم دوران ضابطه اخلاق تي پابندي ڪرڻي پوندي، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي دل آزاري ڪرڻ جي هرگز اجازت نه هوندي اهڙي عمل ۾ ملوث ماڻهن خلاف سرڪاري توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري ايڪشن ڪندا، هن مذهبي اڳواڻن سان اپيل ڪئي
ته هو قانون هٿ ۾ کڻڻ کان پاسو ڪندي لاڳاپيل ادارن کي اطلاع ڏين ته جيئن اثرائتي ڪاروائي ڪئي وڃي، اجلاس ۾ سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنرن، ميونسپل ڪمشنر، ڊي ايڇ اوز، سيپڪو، سئي گيس سميت تمام کاتن جي آفيسرن تفصيل سان بريفنگ ڏني.
جُولاءِ 14, 2023