پوليس محرم الحرام دوران سيڪيورٽي جا بندو بست ڪري: ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو (بيوروچيف: عبدالوحيد ابڙو ) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سليم الله اوڍو پوليس عملدارن تي زور ڀريو آهي ته هو محرم الحرام دوران سيڪيورٽي جا ڦول پروف بندوبست ڪن ۽ امن و امان کي هر صورت ۾ قائم رکيو وڃي ۽ ٻين سمورن عملدارن کي هدايتون ڏنيون آهن
ته هو پنهنجو پنهنجو ڪردار خوش اصلوبي سان نڀائين ته جيئن محرم الحرام خير خوبي سان گذري وڃي. هن چيو ته صفائي سٿرائي سميت ضلعي جي ماتمي جلوسن جي گذرگاهن ۽ مجلس دوران اسٽريٽ لائيٽ ۽ ٻين گھربل انتظامن کي يقيني بنائين ته جيئن عوام ۽ خاص طور تي عزادارن کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه ٿئي.
هن سمورن فرقن سان واسطو رکندڙ عالم سڳورن ۽ مذهبي اڳواڻن تي پڻ زور ڀريو ته هو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي مڪمل عمل درآمد کي يقيني بنائين ۽ پاڻ ۾ مذهبي هم آهنگي، اتحاد، ڀائيچاري جي فضا کي قائم رکن. هن چيو ته اسان سڀ مسلمان آهيون ۽ اسان کي هڪ ٻئي جو خيال رکڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته اسلام امن، پيار ۽ محبت جو دين آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ درٻار هال ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ واري منعقده گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ پوليس عملدارن، رينجرز، اطلاعات، لوڪل گورنمينٽ، سيپڪو، صحت، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سميت مختلف کاتن جي عملدارن ۽ مختلف فرقن سان واسطو رکندڙ علمائن سڳورن شرڪت ڪئي.
هن چيو ته محرم الحرام دوران ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي هر صورت ۾ عملدرآمد ڪرايو ويندو. پوليس ۽ روينيو کاتي طرفان ڊسٽرڪٽ ڪنٽرول رومس قائم ڪيا ويندا جيڪي هوم ڊپارٽمينٽ سنڌ سان منسلڪ هوندا. سيپڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته لڙڪندڙ بجلي ۽ ڪيبل جي تارن جي مرمت ڪري ڇڪي مٿي ڪيو وڃي. جڏهن ته سئي گيس عملدارن کي هدايتون ڏنيون ته هو سئي گيس جي ليڪيج کي ختم ڪيو وڃي.
ماتمي جلوسن ۽ مجلسن کي پوليس ۽ رينجرز جي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. محرم الحرام دوران ٽرئفڪ جو بهترين نظام ترتيب ڏنو وڃي. ماتمي جلوسن وارن روڊن ۽ مجلس وارين جڳهن، امام بارگاهن سان لڳ ڊرينيج ڪراسن جي مرمت ڪئي وڃي. لائوڊ اسپيڪر جي صحيح استعمال کي يقيني بڻايو وڃي. اعتراض جوڳن نعرن، اعتراض جوڳي مواد جي ورهاست ۽ وال چاڪنگ جي اجازت نه هوندي. سيپڪو جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي.
هن چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال، تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتالون، رورل هيلٿ سنيٽرس ۽ بئسڪ هيلٿ يونٽس ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ميڊيڪل اسٽاف، ايمبولينس ۽ دوائن جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي. محرم الحرام جي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ اسٽريٽ لائيٽن کي فعال بنايو وڃي. آخر ۾ دعا خير گهري وئي
جُولاءِ 14, 2023