ٺٽو: ٺٽو بچايو فورم پاران پاڻي جي فراھمي لاءِ 111ھين ڏينھن به  احتجاج

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) ”ٺٽي کي پاڻي ڏيو“،  ٺٽو بچايو فورم سان گڏ شھرين  پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي پاڻي لاءِ  111ھين ڏينھن به  احتجاج جاري رکيو ،احتجاجي  تحريڪ ھلندڙ ، سياسي، سماجي تنظيمن جي شهرين. سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي شھر ننگر ٺٽو ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل نہ ٿي سگھيو آھي،

جنھن جي ڪري شھرين کي سخت تڪليفن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. جڏھن تہ گذريل 6 مھينن کان شھر ۾ پاڻي جي فراھمي بند ھجڻ ڪري شھري پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن پر چونڊيل نمائيندن سميت ضلعي انتظاميہ، ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي اختيارين ڪوبہ نوٽيس ناھي ورتو.

جڏھن تہ پاڻي جي مسلسل بندش توڙي ٺٽي شھر کي ڪي ڊي اي واھ مان پاڻي ڏيارڻ لاءِ شھرين پاران ٺٽو بچايو فورم جي پليٽ فارم تان شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ 111 ھين ڏينھن بہ جاري رھي. پريس ڪلب ٺٽو اڳيان جمشيد قريشي،دلاور شيخ،شهاب خطيب،عرفان ميرجت،ڪامريڊ حافظ عباسي،ڊاڪٽر ولي جاکرو،لڇمڻ داس،بابو جان خشڪ،سجاد مگسي،عبدالرشيد کماڻَ

۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھرين احتجاجي مظاھرو ڪندي ٺٽو ڪراچي حيدرآباد قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج ۾ شامل شھرين جي ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ کنيل ھئا، جيڪي ”پاڻي ناھي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا“ ” ٺٽي کي ڪي ڊي اي مان پاڻي ڏيو“ ” انڌا ٻوڙا پاڻي ڏيو“ جھڙا زوردار نعرا ھڻي رھيا ھئا.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ٺٽي شھر ۾ 50 سالن کان واٽر سپلائي نظام تي ڪوبہ ڌيان ناھي ڏنو ويو، ننڍي الھکئي مان ملندڙ پاڻي چوري ٿي رھيو آھي، جيڪو پاڻي شھر تائين پھچي نٿو سگھي، اڄ به الھكائي جي آبادگارن  پاران پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو ،ٺٽي کي. مستقل بنيادن تي ڪي ڊي اي واھ مان پاڻي فراھم ڪري شھرين کي پريشانين کان بچايو وڃي. ھنن چيو تہ ٺٽو شھر سنڌ جو تاريخي ۽ قديمي شھر آھي

 پر ھن وقت انيڪ مسئلن ۾ جڪڙيل آھي، چونڊيل نمائيندن سميت انتظاميہ جي بي ڌياني سبب شھر کنڊرات جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي. ھنن مطالبو ڪيو تہ ٺٽي شھر ۾ پاڻي فراھمي کي يقيني بڻائي ڊرينيج نظام کي بھتر بنايو وڃي.

جُولاءِ 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو