وڳڻ ۾ اصلاح الفقراء حسنيه پاران ناموس قرآن ريلي ڪڍي وئي
وڳڻ (رپورٽر: عاجز چانڊيو) وڳڻ ۾ تنظيم اصلاح الفقراء حسنيه نقشبديه يونٽ شھر وڳڻ طرفان ناموس قرآن جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي
اڳواڻن سيد سجاد حسين شاھ ـ ڪامريڊ غلام حسين مغيري، سيد يونس شاھ راشدي ـ مولوي جنيد چانڊيو ، حافظ ضمير حسين مغيري ،زاھد چانڊيو،سيد عارف شاھ ،فقير عاشق علي مغيري ،فقير رشيد چانڊيو، گلاب وڳڻ ۽ ٻين پاران سويڊش حڪومت مٿان سخت تنقيد ۽ نعريبازي ڪندي بيحرمتي ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.
اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪندڙن کي سرعام ڦاھي ڏني وڃي.اسان قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪندڙ کي برداشت نه ڪنداسين ۽ ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.اسان السلام دشمنن کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته مسلمان پنھنجون جانيون قربان ڪري سگھن ٿا
پر نبي پاڪ جي شان ۾ گستاخي ۽ پاڪ ڪتاب جي بحرمتي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نٿا ڪري سگھون ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مسلمان ملڪن کي اپيل ٿا ڪريون ته سوئيڊن ملڪ جو بائيڪاٽ ڪري سفارتي تعلقات ختم ڪيا وڃن.
جُولاءِ 14, 2023