ميرپور ماٿيلو ۾بدامني خلاف مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي وئي
گھوٽڪي (رپورٽر: محمد امين سومرو ) گهوٽڪي ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف ميرپورماٿيلو ۾ ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب ميرپورماٿيلو کان مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران ريلي، موجوده حڪومت خلاف ۽ گهوٽڪي انتظاميا توڙي ايس ايس پي گهوٽڪي هٽايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، هڪ مهيني اندر ٽن معصوم ٻارن سميت 8 بيگناھ ماڻهو قتل ٿي ويا آهن
پر افسوس انتظاميا جي مٿي تي جون به ناهي چري، هنن وڌيڪ چيو ته ضلعي گهوٽڪي اندر بدامني جي باھ ايتري ته وڌي وئي آهي جو ڏينهن ڏٺي جو به هتان جي عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجهي پيو، ضلعي اندر اغوا، ڦرون، چوريون، قتل روز جو معمول بڻيل آهي
پر افسوس جو انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي کي هٽائي ضلعي اندر امن امان بحال ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج دائرو وڌايو ويندو. اڳواڻ تفصيل موجب گهوٽڪي ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف ميرپورماٿيلو ۾ ڊي ايڇ ڪيو
پريس ڪلب ميرپورماٿيلو کان مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اياز کهاوڙ ،وقار بوزدار، جنيد جلباڻي ،رمضان ڪلوڙ ،صوفي اياز، حنيف سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن موجوده حڪومت خلاف ۽ گهوٽڪي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته هڪ مهيني اندر ٽن معصوم ٻارن سميت 8 بيگناھ ماڻهو قتل ٿي ويا آهن پر افسوس انتظاميا جي مٿي تي جون به ناهي چري، هنن وڌيڪ چيو ته ضلعي گهوٽڪي اندر بدامني جي باھ ايتري ته وڌي وئي آهي
جو ڏينهن ڏٺي جو به هتان جي عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجهي پيو، هنن چيو ته ضلعي اندر اغوا، ڦرون، چوريون، قتل روز جو معمول بڻيل آهي پر افسوس جو انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، هنن چيو ته گهوٽڪي شهر ۾ 3 معصوم ٻارڙن سميت 5 ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا پر پوليس وڏيرن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ پوري آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي کي هٽايو وڃي
۽ ايماندار آفيسر مقرر ڪرائي گهوٽڪي ضلعي جو امن بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو..
جُولاءِ 14, 2023