ميرپورخاص ۾ بھبود آبادي جي ڏھاڙي تي ريلي ۽ سيمينار منعقد

Spread the love

ميرپورخاص ( بيورو رپورٽ ) صوبائي وزير پاپوليشن اينڊ هيلٿ ميڊم عذرا پيچوهو ۽ سيڪريٽري پاپوليشن اينڊ ڊولپمينٽ سنڌ ريحان اقبال بلوچ جي خاص هدايتن تي ضلعي پاپوليشن آفيس ميرپورخاص پاران آبادي  جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آگاهي ريلي ۽ سيمينار منعقد ڪيو ويو.  آگاهي ريلي محمد اسماعيل منڱريو ضلعي ويلفيئر آفيسر ميرپورخاص جي سربراهي ۾ ڪڍي وئي جڏهن ته آگاهي سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس، پاٿ فائينڊر، چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ، روٽري ضلعي 3271، اين جي اوز جي نمائندن، هيلٿ ورڪرز ۽ ضلعي پاپوليشن ويلفيئر آفيس جين عملي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر پروين طارق ۽ ڊاڪٽر سيتا چيو ته سندن ٻارن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو ڪيو وڃي، ٻارن ۾ وڌندڙ سماجي ۽ معاشي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماڻهن ۽ ماء ۽ ٻار جي صحت لاء، ٻارن جي پيدائش ۾ هڪ خاص وقفو رکڻ ضروري آهي.

 ان موقعي تي محمد اسماعيل منڱريو، ڊسٽرڪٽ ويلفيئر آفيسر ميرپورخاص ۽ ڊپٽي ضلعي آفيسر غلام محمد چيو ته اسان جا فلاحي مرڪز هر علائقي ۾ مفت فيملي پلاننگ جون خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن، ان ڪري وڌندڙ مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ عوام کي اپيل آهي ته ٻارن جي پيدائش ۾ وقفي لاءِ مفت دوائن  جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪن.

جُولاءِ 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو