ميرپورخاص: ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنڀر جي ٽين ورسي ملھائي وئي
ميرپورخاص(رپورٽ: خدابخش چوھاڻ) دل جي بيمارين جي ماھر ۽ مسيحا ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنڀر جي ٽين ورسي تقريب، سماجي حلقن، اديبن، استادن ۽ شھرين جي شرڪت، سندن خدمتن تي کيس لفظي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي. خبر موجب عمرڪوٽ جي دل جي بيمارين جي ماھر ۽ مسيحا ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنڀر جي ٽين ورسي تقريب عمرڪوٽ جو آواز فورم طرفان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ملھائي ويئي
جتي مقررين طرفان مرحوم ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنڀر جي عمرڪوٽ توڙي ٿرپارڪر سان لاڳاپيل عوام جي خدمتن تي کيس لفظي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي رٿيل وررسي تقريب کي خطاب ڪندي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر عبدالروف سومرو چيو ته ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنڀر عظيم انسان ھو جنھن جو ڪردار تمام وڏو ھو
جنھن کي غريب مسڪين ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۾ خوشي محصوص ٿيندي ھئي پاڻ ڊاڪٽري شعبي کي ڪاروبار ڪرڻ بدران مسيحا ڪردار ٿي غريب ماڻھن جي مدد ڪيائين ۽ گھڻين خوبين جو مالڪ ھو جنھن کي ڪڏھن به وساري نٿو سگھجي مرحوم ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنڀر جي فرزند ريحان ڪنڀر چيو ته اسان جو والد صاحب اسان جي لاء ھيرو ھئا
۽ اسان کي تمام گھڻو محبت ڪندا ھئا جن جي ڪمي محسوس ٿي رھي آھي نامياري ليکڪ مير حسن آريسر چيو ته ڪورونا وبا ۾ جيڪي به ماڻھو ويا اُھي قيمتي ماڻھو ويا اھڙي شخصيت کي ياد ڪرڻ تي آواز فورم کي جس ڏيون ٿا ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنڀر پاڻ ڊاڪٽري شعبي سان ھجڻ باوجود به پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکندو ھو جنھن کي ڪو به لوڀ لالچ نه ھئي اھڙي ڊاڪٽر جو وڇوڙو نه رڳو فيملي جو پر عمرڪوٽ واسين جو نقصان آھي
وڪيل ميان گل منير ولھاري خطاب ڪندي چيو ته ماڻھو ڪردار جي حوالي سان سڃاتو ويندو آھي ڊاڪٽر کي جئين مون ڏٺو ۽ ٻڌو ھو ته سندن رويو سڀني کي مان ڏيندڙ ۽ محتبر ھو ڊاڪٽر ۾ وڏو اخلاق ۽ ادب ھو اھڙن ڪردارن کي ھميشه ياد رکڻ گُھرجي انھي سان گڏ جيڪي به پورھيت طبقي جا ماڻھو آھن جن جو سماج ۾ وڏو ڪردار رھيو آھي
انھن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ گُھرجي سماجي اڳواڻ عبدالله کوسو چيو ته ڊاڪٽر سان پراڻو تعلق ھو پاڻ وڏو سماجي شخصيت ۽ غريبن جو ھڏ ڏوکي ۽ مددگار ھو اسان چاھيون ٿا ته عمرڪوٽ ۾ اين آء سي وي ڊي جو نالو ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنڀر جي نالي سان منصوب ڪيو وڃي نامياري ليکڪ ڊاڪٽر عبدالعزيز ڪنڀر چيو ته ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنڀر جي وڏڙن به غريب مسڪين ماڻھن جي خدمت ڪئي ھئي
۽ پاڻ به ساڳي رستي تي ھلندي ماڻھن جي خدمت ڪري ڪردار ادا ڪيو آھي اھڙن ڪردارن کي ياد ڪرڻ تي جس ڏيون ٿا ان موقعي تي انجنيئر مشتاق راٺوڙ چيو ته ڊاڪٽر عبدالرزاق سان ھڪڙي نه پر کوڙ ساريون ملاقاتون ھيون ڊاڪٽر جي نالي تي چيئمبر به ٺھيل آھي العباس ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊاڪٽر صاحب جي وڇوڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آھي
جيڪو ڪڏھن به ڀرجي نٿو سگھجي سماجي اڳواڻ سردار ڀيو چيو ته عبدالرزاق ڪنڀر دل جي بيمارين جو ماھر ۽ سڀني کي عزت ڏيندڙ شخص ھو جنھن طرفان غريب ماڻھن جو شاديون ڪرائڻ سميت ٻيون سٺيون خوبيون ھيون اھڙن ماڻھن کي وسارڻ ناممڪن آھي سندن جي ڪاوشن ۽ خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا
ايڊوڪيٽ محمد بخش ڪنڀر چيو ته ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنڀر نه صرف ڊاڪٽري واري شعبي ۾ ماڻھن جي خدمت ڪئي آھي پر ھن جي شخصيت ۾ گھڻيون خوبيون ھيون غريب مسڪينن جون ھر حوالي سان خدمتون ڪيون آھن سندن جي ورسي تقريب منعقد ڪرائڻ تي عمرڪوٽ جو آواز فورم کي جس ڏيون ٿا
ليکڪ ۽ شاعر محبوب علي ڪنڀر چيو ته ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا جن جي موجودگي باعث مسرت ھجي ٿي، سندن وڃڻ پڄاڻان وڏو خال پيدا ٿئي ٿو مسيحا ڊاڪٽر عبدالرازق ڪُنڀر پنھنجي زندگي ھميشہ غريب بي پھچ مسڪين ماروڙن جي مدد ڪندي ڪارائتي گذاري آھي اڄ ٽين ورسي تي سلام پيش ڪريون ٿا
ورسي تقريب ۾ عمرڪوٽ جو آواز فورم جي صدر عبدالڪريم تبسم منڱريو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ورسي تقريب ۾ پريس ڪلب جي صدر غلام محمد ڪنڀر، ليڪچرار عبدالقادر راھمون، ضلعي انفارميشن آفيسر غوث محمد پٺاڻ، سينيئر صحافين اشوڪ ڪمار، غلام مصطفي مھر، وقاص يوسفزئي، رميش ڪمار ڪلال، شڪيل چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي
جُولاءِ 14, 2023