ملڪ ۾ 2 لک 30 هزار کان وڌيڪ ايڊز جا مريض آهن: ڊاڪٽر محمد نعيم

Spread the love

سکر ( بيورو رپورٽ:  ماجد منگي ) ايڊيشنل ڊائريڪٽر سي ڊي سي ايڇ آءِ وي ڊاڪٽر محمد نعيم خان چيو آهي ته غفلت ۽ احتياطي اپاءَ نه وٺڻ سبب پاڪستان ۾ هن وقت 2 لک 30 هزار کان وڌيڪ ايڊز جا مريض آهن، جن مان اڪثريت جي اسڪريننگ نه ٿي آهي، جيڪڏهن اسڪريننگ نه ڪئي وئي ته اهو انگ وڌي سگهي ٿو. مڪمل، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس نيپال، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٿي رهيا آهن،

 اهڙو اظھار هن سکر پريس ڪلب ۾ ايڇ آء وي سينيزيٽيشن سيشن ايڇ آء وي/ايڊر مهم جي سلسلي معنقد تقريب کي ڄاڻ ڏيندي ڪيو تقريب ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي ڊاڪٽر غوث، عبدالجبار ۽ ٻين ماهرن شرڪت ڪئي،ڊاڪٽر محمد نعيم وڌيڪ ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته گزريل ٽن مهينن دوران سنڌ جي 29 ضلعن ۾ 15 هزار ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي.

 جنهن ۾ 150 ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي مثبت آئي آهي، جن کي دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن، نعيم خان چيو ته سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي پاران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ايڇ آءِ وي اسڪريننگ لاءِ الڳ ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن،

جتي جديد ڪٽس پڻ موجود آهن. نتيجا ٻن کان پنج منٽن ۾ ملي ويندا آهن ۽ هاڻي موبائيل سروس ذريعي ٽيمون  ڏورانهن علائقن ۾ وڃي هر فرد جي اسڪريننگ ڪري رهيون آهن، اها ڪا خراب ڳالهه يا خوف جي ڳالھ ناهي هر  انسان کي پنهنجي صحت بابت مڪمل ڄاڻ هجڻ گهرجي، ڊاڪٽر نعيم چيو ته اڳ ۾ ٽي بي ۽ هيپاٽائيٽس جو مرض مشڪل هو پر هاڻي ماڻهو پنهنجو ٽيسٽ پاڻ ڪرائن ٿا ۽ ايڇ آءِ وي ايڊز جو به علاج ممڪن آهي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي بس ٽيسٽ ڪرايو ڊاڪٽر نعيم خان چيو ته پاڪستان جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي.

 ڊاڪٽر محمد نعيم خان انڪشاف ڪيو آهي ته اڪثر ڊاڪٽر تشخيص کان اڳ مريض کي هيوي ڊوز ڏيندا آهن ، جنهن سان مريض کي سخت نقصان ٿيندو آهي، جڏهن ٽيسٽ رپورٽ ايندي آهي ته عام دوائن جو ڪو به فائدو ناهي ٿيندو اها وڏي جهالت ۽ ظلم آهي، دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو رواج ناهي، ان رواج جو خاتمو ٿيڻ گهرجي.

جُولاءِ 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو