ملير: مڪلي ويندڙ فيملي کان ھٿياربندن جي ڦر، متاثر ڌر جو احتجاج

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي)ملير شيدي ڳوٺ کان مڪلي طرفان ويندڙ فيملي کان سسئي ٽول قومي شاهراه تي اڻڄاتل پوليس وردي ۾ ملبوس هٿياربند جي ڦر ، هٿيار بند آساني سان ڦر ڪري فرار ،  متاثر فيملي جو قومي شاهراه تي ڌرڻو روڊ بند تفصيل موجب ملير شيدي ڳوٺ کان مڪلي طرفان ويندڙ فيملي کان سسئي ٽول قومي شاهراه تي اڻڄاتل پوليس وردي ۾ ملبوس هٿياربند فيملي کان هڪ لک روپيا روڪ رقم  ڦر ڪري هٿيار بند آساني سان ڦر ڪري فرار ويا متاثر فيملي حاجي امير بخش خاصخيلي ، لونگ خاصخيلي فيملي سميت قومي شاهراه تي احتجاجي ڌرڻو هڻي ويهي رهيو

احتجاجي ڌرڻي سبب روڊ بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ معطل ڪراچي  کان ٺٽي ويندڙ گاڏيون بيهي ويون گاڏين جون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي متاثر لونگ خاصخيلي ، حاجي خاصخيلي امير بخش خاصخيلي چيو ته اسان ملير کان مڪلي وڃي رهيا هئاسين ته آلٽو گاڏي ۾ پوليس وردي ۾ ماڻھو اسان کي روڪيو چيائين اسان اسپيشل پوليس واران آھيون گاڏي جي چڪاس ڪنداسين جنهن بعد  چڪاس شروع ڪئي

وردين ۾ هئا تنهن ڪري اسان سمجهو پوليس وارا آھن تلاشي ڏني هنن تلاشي بهاني اسان کان هڪ لک روپيا روڪ رقم کڻي آلٽو گاڏي ۾ فرار ٿي ويا جيستائين انصاف نه ملندو پيسا واپس ڪرائي جوابدار گرفتار نه ڪيا ويندا احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو قومي شاهراه سسئي ٽول وٽ ٿاڻي ۽ ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار به بيٺا آهن ۽ ڦورو ورديون پائي ڦر ڪري آساني سان هليا وڃن ٿا انصاف گهرجي

جُولاءِ 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو