شاھ لطيف مولانا جلال الدين رومي کي متعارف ڪرايو: سيد غلام حيدر شاھ

Spread the love

ٽنڊو ڄام (رپورٽ:  واجد علي چانڊيو) سنڌ جي اديبن ۽ محققن چيو آھي ته شاھ عبدالطيف ڀٽائي، سنڌ ۾ مولانا جلال الدين رومي کي متعارف ڪرايو، جديد صوفي ازم ڪيترين سماجي مسئلن کي حل ڪري سگھي ٿو، ان ھوندي به اڃان تائين حقيقي صوفي ازم جي بابت ماڻھو اڻ واقف آھن،

اھي ڳالھيون بزم روح رھاڻ جي ميزباني ھيٺ ۽ انجمن غلامان قلندر جي سھڪار سان سنڌي ٻولي اٿارٽي حيدرآباد جي ڊاڪٽر نبي بخش ھال ۾ نامياري مفڪر، شاعر ۽ ليکڪ سيد غلام حيدر شاھ قلندري جي لکيل ڪتاب ”رومي جي اوطاق“ جي مھورتي تقريب کي خطابن دوران چيون ويون، مھورتي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جوئي چيو ته سَنتَ ۽ صوفين زميني خدائن ۽ حاڪمن سان حق لاءِ ويڙھاند ڪئي،

۽ خدمت خلق جي خدائي حڪمن جي پيروي ڪئي، مولانا رومي تارڪ دنيا صوفي نه ھو، پر ھن ماڻھن جي ڀلائي لاءِ سماج ۽ ماڻھن سان ناتو جوڙي رکيو، ھن چيو ته سيد غلام حيدر شاھ قلندري پنھنجي تحريرن ۾ ڀٽائي جي بيتن کي شاندار نموني سان استعمال ڪيو آھي،

ھن چيو ته سنڌ مان اوطاقون ختم ٿيڻ ھڪ وڏو سانحو آھي، سنڌ جون اوطاقون ڏاھپ جو گھر رھيون آھن، جن سدائين انتھا پسندي ۽ خوف کي مات ڏيڻ جا درس ڏنا، ڪتاب جي ليکڪ سيد غلام حيدر شاھ قلندري چيو ته اسان کي ڀٽائي جي ذريعي رومي مليو، جڏھن ته جديد صوفي ازم ماڻھن جي اھنجن ۽ ڏکن کي حل ڪرڻ جو حقيقي نظريو آھي،

جيڪو روايتي پيري مريدي، مذھبي انتھا پسندي، ڏن پٽ ۽ ڌاڳي ڦيڻي واري فرسوديت جي رستا روڪ ڪري ٿو، نامياري ليکڪ محمود مغل چيو ته سنڌ ۾ جديد صوفي ازم موجود آھي، جنھن ڪري سنڌ جو ماڻھو انتھاپسندي ۽ مذھبي ڪٽرپڻي جو انڪاري آھي،

ھر دور ۾ ڪي ڪردار ماڻھن جي ڀلائي ۽ سڌي راھ تي آڻڻ لاءِ پاڻ ارپيندا آھن، سيد  غلام حيدر قلندري جا لکيل 23 ڪتاب نوجوانن جي لاءِ مشعل راھ ثابت ٿيا آھن، نامياري اديب سيد زوار نقوي چيو ته رومي جي اوطاق ڪتاب سيد غلام حيدر شاھ جي اکين جي دل سان لکيل آھي، جنھن ۾ صوفي ازم جي حقيقي مقصد کي بيان ڪيو ويو آھي،

نامياري اديب ادريس جتوئي چيو ته گڏيل قومن جي 1947 ۾ پاس ڪيل انساني حقن وارو پڌرنامي کان اڳ ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰﷺ جو آخري خطبو عظيم انساني حقن جو پڌرنامو آھي، جنھن ثابت ڪيو ته  سڀ انسان برابر آھن،

نامياري اديب منصور قادر جوڻيجي چيو ته سنڌ جي سرزمين دنيا جي انسانن جي ڀلائي جو پيغام ڏنو آھي،صوفي ازم جي لاٽ اڃان تائين سنڌ مان ٻرندي رھي ٿي، الطاف ملڪاڻي چيو ته سنڌ جي روحاني گادين ۾ صوفي ازم جا پنھنجا نظريا ڏسيا آھن، پر قلندري صوفين فرسودھ روايتن جي نفي ڪري جديد ۽ ماڻھن جي ڀلائي واري صوفي ازم کي ھٿي ڏني آھي،

 سيلم چنا چيو ته سنڌ جي جديد صوفي ازم ماڻھن جي نبض شناسي ڪري روشن رستي ڏانھن سفر شروع ڪيو آھي، تقريب کي ڊاڪٽر اشرف سمون، حاڪم مھر، واحد ڪانڌڙو، شيرخان پنھور، چيتن منيگھواڙ، محمد اڪرم ۽ ٻين خطاب ڪيو.

جُولاءِ 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو