سکر: واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ سيپڪو پاران يوم شهداء ملھايو ويو

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ:  ماجد منگي ) آل پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ليبر يونين سيپڪو سکر جي انتظامن هيٺ يوم شهداءِ جو ڏينهن ملهائي تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ شجاعت علي گھمرو، سيد زاهد حسين شاهه، ديدار حسين، اشفاق مهر، هدايت الله ڪورائي، عقيل دايو، عابد گوپانگ، عبدالخالق ساوند ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

 تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته بجلي کاتو تمام حساس ادارو آهي، اسان جا لائين مين ۽ ورڪر ڏينهن رات عوام جي خدمت ڪندا آهن.

ٿوري غلطي سبب کين پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيڻو پئجي ويندو آهي، واپڊا جي شهيد مزودرن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. ٻئي طرف واپڊا ملازمن پاران سوئيڊن واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مطالبو ڪيو ويو ته سوئيڊن جي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي ساڻن لاڳاپا ختم ڪيا وڃن.

جُولاءِ 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو