سيوھڻ: ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين پاران شھر جو اوچتو دورو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي)   ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي چيئرمين سيد شھزاد حيدر شاھ صاحب سيوھڻ شھر جو اوچتو دورو ڪيو سيد شھزاد حيدر شاھ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ سان گڏ ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جا آفيسر ۽ واٽرسپلاء سيوھڻ جو انچارج اعجاز علي عرف ڪالو سولنگي پڻ گڏ ھئو، سیوهڻ شھر ۾ جيڪي ب غير فعال ٿيل ڊرينج اسڪیمن جو معائنو ڪيو ، ان سان  گڏو گڏ پرارا محلا جي ڪني پاڻي جي ڊسپوزل جي پڻ وزٽ ڪئي ء سيوھڻ جي  مختلف پاڙن ۾ بند پيل ڊرينج نالن ۽ نالين جو پڻ معائنو ڪيو  ۽ موقعي تي سيوھڻ ميونسپل جي عملدارن کي ھدايتون جاري پڻ ڪيون

 ۽ ميونسپل جي عملدارن کي چيو ت مان سيوھڻ جي عوام جي ووٽ سان چيئرمين ٿيو آھيان مان سيوھڻ جي عوام کي بنيادي سهولتون ڏيئڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ اوھان کي چوان ٿو ت توھان پرارا محله جي ڊسپوزل جي  جلد کان جلد  صفائي ڪرائي وڃي

 ۽ سيوھڻ شھر ۾ جيڪي ب ناليون ۽ نالا بند آھن انھن جي کاٽي ڪرائي نالن ۽ نالين کي صاف ڪرايو وڃي ت جيئن نالن ۽ نالين جو ڪنو پاڻي صحيح نموني ڊسپوزل تائين پھچي ۽ ڊسپوزل مان پاڻي صحيح نموني نيڪال ٿي سگھي، ۽ سيوھڻ جي عوام کي بنيادي سھولت ميسر ڪرائي سگھان.

جُولاءِ 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو