دادوپوليس جون ڪارروايون، ھڪ جوابدار هٿيارن سميت گرفتار

Spread the love

دادو(رپورٽ : سرور جلال ) دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جون ڪاروايون، هٿيار سميت ھڪ ڦورو گرفتار ۽ گٽڪا سوپاريون وڪڻندڙ ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو،

خبر موجب: ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي ھدايتن تي عادي ڏوھارين سميت منشيات، گٽڪا فروشي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروايون جاري آھن، ايس ايڇ او دادو اي سيڪشن اڪبر علي چنا جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن پوليس  ڪاروايون ڪندي

نوشهروفيروز ۽ دادو ۾ ڦر سميت ٻين ڏوھن جي وارداتن ۾ ملوث ھڪ عادي ڏوھاري علي گل ولد حسين بخش سيٺو کي گرفتار ڪري  وارداتن ۾ استعمال ڪيل پستول ۽ 3 زنده گوليون ھٿ ڪيون ويون آهن.

گرفتار جوابدار خلاف ضلعي نوشهرو فيروز ۽ دادو ۾ ڦر ۽ ٻين ڏوھن جا 7 ڪيس داخل ٿيل ھئا ۽ پوليس کي گھربل ھيو.ساڳئي پوليس گٽڪا سوپاريون وڪڻندڙ جوابدار رياض لغاري کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 220 زيڊ 21 گٽڪا سوپاريون هٿ ڪيون آھن. سندس خلاف گٽڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جُولاءِ 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو