جي يو آء سکر جي وفد پاران ڊي ايس پي سٽي سان ملاقات ڪئي وئي
سکر(بيورو رپورٽ) جي يو آء سٽي سکر جي وفد جي ڊي ايس پي سٽي انور علي شيخ سان عوامي مسائل ۽ امن امان جي صورتحال بابت اھم ملاقات ، جنهن ۾ جي يوآ۽ سٽي سکر جي ترجمان مفتي اعظم مھر ، مولانا عبدالغفور ڀٽو ، مولانا جميل احمد لغاري، مولانا مسعود احمد حقاني ، مولانا محمد دين سولنگي، ڄام خليل احمد، ڄام شعيب احمد سميت ٻيا اڳواڻ شامل هئا ، ملاقات دوران جي يو آء سٽي سکر جي سيڪريٽري اطلاعات مفتي اعظم مھر ۽ ٻين اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته عوام جي جان مال عزت آبرو جي حفاظت ڪرڻ پوليس جي ذميوري آھي، شھر اندر وڌندڙ موٽرسائيڪل جي چورين جي وارداتن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي،
عوام ۽ شھرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ، ان موقعي تي ڊي ايس پي سٽي انور علي شيخ ، جي يو آء وفد سان ڳالهائيندي چيوته عوام جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جي فرض ۾ شامل آھي ، عوام ۽ شھرين کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو،
عوام جي لاء منھنجي آفيس جا 24 ڪلاڪ در کليل آھن ، انھن جي مسئلن کي فوري طور حل ڪنداسين ، ايس ايس پي سنگھار علي ملڪ جي حڪم تي شھر جي اندر امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻايو آھي ، چوريون ۽ ڦرلٽ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ، ھن چيو ته پوليس پنھنجي ذميواري پوري ڪندي ڊيوٽي دوران پوليس جي ڪنھن به آفيسر يا اھلڪار ڪوتاهي ڪئي ته تنھن کي بخش نه ڪيو ويندو،
ڊي ايس پي سٽي انور علي شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته محرم الحرام ۾ علماء اڪرامن جو تعاون بي حد ضروري آهي ، محرم الحرام ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويندا ، ان موقعي تي اي سيڪشن جو ايس ايڇ او اقبال احمد ڊومڪي ، بي سيڪشن جو ايس ايڇ او منصور حطار شامل هئا ،
جُولاءِ 14, 2023