اسان جي پهرين ترجيح عوام جا مسئلا حل ڪرڻ آهي: ڊاڪٽر ارشد مغل
سکر(بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سکر جي ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل چيو آهي ته اسان جي پهرين ترجيح عوام جا مسئلا حل ڪرڻ آهي، عوام کي بلدياتي ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات خدمت ڪري رهيا آهيون،
ملڪ هن وقت بحرانن جو شڪار آهي، بلاول ڀٽو زرداري ئي وزيراعظم ٿيندو. هن اهڙيون ڳالهيون سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبر پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ شهناز شيخ جي رهائشگاهه تي کيس حج جي سعادت حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيڻ دوران تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو،
ان موقعي تي ايس ايم سي ميمبر عزرا جمال، شبانه خاڪي، غزالا انجم، خادم ملڪ، شاهه بيگ شيخ، بلال مغل، ايڊووڪيٽ ياسمين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تقريب دوران شهناز شيخ کي حج جي سعادت حاصل ڪرڻ تي گلن جا هار پارايا ويا، تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ارشد مغل چيو ته سکر شهر پيپلزپارٽي جو ڳڙهه آهي،
هميشه چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ئي ڪامياب ٿيندي آهي، هن ڀيري به ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي اڪثريتي راءِ سان ڪاميابي ماڻيندي، هن چيو ته سکر ۾ پيپلزپارٽي اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي، وومين يونيورسٽي، علامه اقبال يونيورسٽي، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جھڙا وڏا پروجيڪٽ ڏنا آهن.
سکر شهر جي روڊن رستن جا جلد ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا. ان موقعي تي ملڪ جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ خاص دعا پڻ گھري وئي.
جُولاءِ 14, 2023