اسان آگسٽ ۾ ذميواري نگران حڪومت حوالي ڪنداسين: شهباز شريف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اپريل 2022 ۾ عوام اسان کي حڪومت هلائڻ جي ذميواري ڏني هئي، هيءَ واحد گڏيل حڪومت آهي، جيڪا مختصر ترين مدي لاءِ قائم ٿي. قوم سان پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان سياست نه رياست جي حفاظت ڪئي، رياست بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، گڏيل حڪومت هڪ مثال قائم ڪيو، پاڪستان جي مفادن جي رستي ۾ وڇايل سرنگهون صاف ڪيون. هن چيو ته معاشي استحڪام لاءِ آرمي چيف ۽ ناڻي واري وزير جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، سفارتي سطح تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به سٺيون ڪوششون ڪيون، دوست ملڪن جي سهڪار کي به نٿا وساري سگهون، چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جا دلي طور ٿورا مڃون ٿا. سندس چوڻ هو ته اڳوڻا حڪمران معاهدو ناڪام بڻائڻ جي سازشن ۾ مصروف هئا، پاڪستان جي ڏيوالي جو خطرو ۽ انهن جون ناپاڪ خواهشون خاڪ ۾ ملي ويون. وزيراعظم چيو ته ڪاروباري ماڻهن ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، حڪومت، صوبا، عسڪري ادارا قومي ايجنڊا ڪامياب ڪرائيندا، معاشي بحالي جو هڪ گڏيل پلان تيار ڪيو آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي پيرن تي بيهون، وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪرڻو آهي. شهباز شريف اعلان ڪيو ته اسان آگسٽ 2023 ۾ ذميواري نگران حڪومت حوالي ڪنداسين، اسان کي اپريل 2022 ۾ عوام حڪومت هلائڻ جي ذميواري ڏني هئي، هيءَ مختصر مدي لاءِ قائم ٿيل واحد گڏيل حڪومت آهي. ٻئي پاسي ملتان ۾ يوٿ لون پروگرام سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام تي خوشي ۾ دهل ناهن وڄائڻا، آءِ ايم ايف جو پروگرام حلوو ناهي، شرط سخت آهن ۽ اسان سمورا شرط قبول ڪيا آهن، معاشي استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ اڻٽر هو، الله جو شڪر آهي ته پاڪستان ڏيوالي کان بچي ويو. هن چيو ته اسان ڪيستائين پِنندا رهنداسين، وڏن وڏن صنعتڪارن کي ماضي ۾ 3 ارب ڊالر ڏنا ويا، ارب پتي ماڻهن به 3 کان 4 سيڪڙو وياج تي قرض ورتو. وزيراعظم شجاع آباد ۾ فلاءِ اوور ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو موقعو مليو ته ملتان ۾ ميڊيڪل سٽي ٺاهينداسين، 50 لک ليپ ٽاپ ورهائينداسين.

جُولاءِ 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو