آءِ ايم ايف جي مطالبي تي بجلي جي اگهه ۾ وڏي واڌ جو فيصلو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت آءِ ايم ايف جي مطالبي تي بجلي جي بنيادي قيمت ۾ 4 رپيا 96 پئسا في يونٽ تائين واڌ جو فيصلو ڪري ورتو، نيپرا طرفان ان سلسلي ۾ جلد فيصلو جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.

بجلي جي اگهه ۾ واڌ هڪ ئي وقت ٿيندي يا مرحلي وار؟ اهو فيصلو ڪابينا ڪندي ۽ ان حوالي سان مشاورت جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سراسري ٽيرف جي في يونٽ قيمت 24 رپيا 82 پئسا وڌي 30 رپين تائين ٿي ويندي، ٽيڪس ۽ سليبس سان گڏ سراسري في يونٽ قيمت 50 رپين تائين پهچي ويندي.

ذريعن موجب اگهن ۾ واڌ جو فيصلو نوٽيفڪيشن جي صورت ۾ ٿيندو.

جُولاءِ 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو