ٺٽو : جنگشاھي لڳ 3 نياڻيون برساتي نئين ۾ وھنجندي ٻڏي فوت
ٺٽو (نظير احمد قريشي) جنگشاھي لڳ ڳوٺ سبز علي بروھي جون رھواسي 3 نياڻيون 8 سالہ بشرہ ڌيء شاھنواز بروھي، 6 سالہ شيرين ڌيء الھجڙيو بروھي ۽ 6 سالہ سميرہ ڌيء وحيد بروھي جنگشاھي ريلوي اسٽيشن ڀرسان گذرندڙ برساتي نالي نئي ۾ وھنجندي ٻڏي ويون،
جن مان ھڪ نياڻي سميرہ ڌيء وحيد بروھي کي بچايو ويو، جڏھن تہ 2 نياڻيون ڀشرہ ڌيء شاھنواز بروھي ۽ شيرين ڌيء الھجڙيو بروھي موقعي تي بڏي فوت ٿي ويون،
جن جا لاش پاڻي مان ڪڍي گھر پھچڻ تي سندن گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو، جڏھن تہ زخمي نياڻي سميرہ ڌيء وحيد بروھي کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو آھي،
جتي ڊاڪٽر سندس حياتي بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن، ٻڌايو پيو وڃي تہ تازو 2 ڏينھن اڳ پيل تيز برساتن سبب ڪوھستاني پٽي کان وھي آيل برساتي نالي نئي ۾ پاڻي جمع ٿي ويو ھو جتي ڳوٺ جون عورتون پنھنجي ٻارڙن سان گڏ ڪپڙا ڌوئڻ لاء آيون ھيون، جتي ھي ٽيئي نياڻيون وھنجندي وڏي پاڻي جي کڏي ۾ ٻڏي ويون، جن مان 2 نياڻيون فوت ٿي ويون،
جڏھن تہ ھڪ نياڻي کي زخمي حالت ۾ بچائي اسپتال منتقل ڪيو ويو اھي، جتي سندس علاج جاري اھي، 2 نياڻين جي فوت ٿيڻ ۽ ھڪ نياڻي جي زخمي ٿيڻ تي ڳوٺ سميت جنگشاھي شھر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آھي.
جُولاءِ 13, 2023