مظلوم عورت جي ڪردارن ۾ روئي روئي اکيون ٿڪجي پيون آهن: اُشنا شاهه
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا اُشنا شاهه اعتراف ڪيو آهي ته ويچاري ۽ مضلوم عورت جا ڪردار ادا ڪندي هوءَ ڊرامن ۾ ايترو رُني آهي جو سندس اکيون روئي روئي ٿڪجي پيون آهن.پنهنجي تازي انٽرويو ۾ اُشنا شاهه چيو ته سچ ته اهو آهي ته مظلوم ۽ مجبور عورت جا ڪردار ادا ڪندي ڪندي اکيون روئي روئي ٿڪجي چڪيون آهن ۽ هاڻ هوءَ خود مختيار ۽ مضبوط عورت جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي
جُولاءِ 13, 2023