جنت مرزا تنقيد ڪندڙن جو وات بند ڪري ڇڏيو

Spread the love

ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا مشهور ڊرامن جي آڇ ملڻ جي انڪشاف کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ٽرولنگ تي ثبوت پيش ڪري ڇڏيا.

جنت مرزا هڪ ٽي وي شو ۾ انڪشاف ڪيو هو ته مون کي مشهور ڊرامي ”پري زاد“ ۾ اشنا شاهه جو ڪردار ۽ ڊرامي ”هم ڪهان ڪي سچي ٿي“ ۾ ڪبريٰ خان جو ڪردار مون کي ملڻو هو پر مان بدقسمتي سان جاپان هيس، جنهن سبب ڪم نه ڪري سگهيس.

ٽڪ ٽاڪر اسٽار جو اهو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو، جنهن سبب کيس ٽرولنگ جو نشانو بڻايو ويو، واهپيدارن جنت مرزا جو مذاق اڏائيندي مختلف تبصرا ڪيا.

سوشل ميڊيا تي سخت ٽرولنگ کانپوءِ جنت مرزا نيٺ ڊرامن جي آڇ جا ثبوت پش ڪري ڇڏيا.

هن ٻنهي ڊرامن جي پروڊڪشن ٽيمن سان ٿيندڙ گفتگو جا اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته مان اهو ڪڏهن به شيئر ڪرڻ نه پئي چاهيو، مون کي لڳي ٿو ته اهو مناسب ناهي پر ٽرولنگ سبب ائين ڪرڻو پيو.

سندس چوڻ هو ته ڪنهن کي ٽرول ڪرڻ کان اڳ اهو سوچيو ته توهان جي ڪري ٻئي شخص جو ذهني سڪون ڪيتري حد تائين تباهه ٿي رهيو آهي يا توهان گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن آفيشل کان ان حوالي سان تصديق ڪيو.

جُولاءِ 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو